سنڌي شاعريءَ جي گرامر ۽ عروض جا محقق ۽ عالم

سنڌي شاعريءَ جي گرامر ۽ عروض جا محقق ۽ عالم:
ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم ‘خليل’: ڊاڪٽر صاحب سنڌيءَ جو ڪهنه مشق ۽ قادرالڪلام شاعر هو. 24 ڊسمبر 1900ع تي ڪراچيءَ ۾ ڄائو. سندس ڪتاب: ‘رهنمائي شاعري‘ (4 حصا) علم عروض بابت لکيل ڪتابن مان هڪ آهي. ‘رهنمائي شاعري’ حصي پهرئين ۾ ‘مقدمه حالي’ جي طرز تي شاعريءَ جي فن ۽ صنفن جو تعارف ڪرايو ويو آهي ۽ ٻين ٻن حصن ۾ مثالن سان عروض جا بحر ۽ وزن توڙي تقطيع سيکاري وئي آهي.
حڪيم فتح محمد سيوهاڻي: حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، سنڌ جو وڏو عالم ۽ قومي ڪارڪن ٿي گذريو آهي. 1300هه/ 1882ع جي اوائل ۾ سيوهڻ ۾ ڄائو. حڪيم صاحب پنهنجي ڪتاب ‘آفتاب ادب ’ (1956ع) ۾ سنڌي ٻولي ۽ شاعريءَ جي عروض ۽ فن، علم بديع، علم بيان، علم معانيءَ کي بيان ڪيو آهي. سنڌي ادبي بورڊ هن ڪتاب جا ڪيترائي ڇاپا ڇپايا آهن.
حاجي محمود ‘خادم’: اديب، صحافي ۽ شاعر، حاجي محمود ‘خادم’ ولد محمد بچل تُنيي، 4 جنوري 1895ع تي ڳوٺ بُٺي، تعلقي ميرو خان، ضلعي قمبر- شهدادڪوٽ ۾ جنم ورتو. 1915ع ۾ ميان محمد قادري، ميان غلام سرور قادري ۽ نواز علي ‘نياز’، ‘بزم مشاعره’ لاڙڪاڻي جو بنياد رکيو ته حاجي خادم ان جو جوائنٽ سيڪريٽري مقرر ٿيو. سندس ڪوششن سان 1921ع ۾ ‘پهرين سنڌي ادبي ڪانفرنس’ لاڙڪاڻي ۾ ٿي. 26 ۽ 27 مارچ 1948ع تي ميهڙ ۾تعليم کاتي سنڌ جي وزيـر پير الاهي بخش جي صدارت ۾ منعقد ٿيل ‘نائين آل سنڌ ادبي ڪانفرنس’ جي موقعي تي سنڌ جي اديبن يڪراءِ ٺهراءُ پاس ڪري، کيس ‘مخدوم الشعراءِ’ جو لقب ڏنو. ڪيترين ادبي انجمنن ۾ ڪم ڪيو، جن ۾ ‘بزم ادب ’ ، ‘بزم نظامي’، ‘جميعت الشعراءِ سنڌ’ ۽ ‘سنڌي ادبي سوسائٽي’ شامل آهن. هن مختلف اخبارن ۽ رسالن جي ايڊيٽريءَ جا فرض (بنا نالي) سرانجام ڏنا. سندس ڪيترا ڪتاب شايع ٿيا. هن شاعريءَ جي فن ۽ علم عروض بابت ‘رياض بلاغت’ نالي هڪ ڪتاب لکيو. حاجي محمود ‘خادم’، 9 جنوري 1960ع تي وفات ڪئي. (وڌيڪ ڏسو: حاجي محمود ’خادم‘، انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد چوٿون، ص: 305)
سڪندر علي مرزا: سنڌي شاعريءَ جي گرامر ۽ عروض جي ماهر اديب ۽ محقق، مرزا سڪندر علي بيگ ‘جرار’، حيدرآباد، سنڌ ۾ ٽنڊي آغا جي مرزا گهراڻي ۾، 5 جنوري 1940ع تي جنم ورتو. هن جي عروضي فن ۾ مهارت کي مدنظر رکندي، مخدوم طالب الموليٰ کيس ‘سنڌي علم عروض’ تي جامع ڪتاب لکڻ لاءِ چيو ۽ مرزا صاحب ‘سنڌيءَ جو عروض ’ نالي سان هڪ تفصيلي ڪتاب لکيو، جيڪو 1986ع ۾ سنڌالاجيءَ شايع ڪيو آهي.
سنڌيءَ جو عروض ’ ڪتاب تفصيلي مقدمي سان اٺن بابن ۾ ورهايل آهي. باب پهرئين ۾ علم عروض، شعر، وزن، قافيي، موزون ۽ ناموزون، بيتن ۽ مصرعن جي تفصيلي وضاحت ڪئي وئي آهي. باب ٻئي ۾ علم عروض جي اصولن ۽ ارڪانن بابت، باب ٽئين ۾ بحر جي تعريف، مفرد ۽ مرڪب بحرن جا نالا ۽ وزن، بحرن جا پنج دائرا، باب چوٿين ۾ علم عروض جي اهم رڪن ۽ زحافن جي تفصيلي سمجهاڻي، باب پنجين ۾ شعر جي تقطيح بابت، باب ڇهين ۾ 19 ابتدائي بحرن جو تفصيل ۽ انهن مان ٺهندڙ ٻين بحرن وزنن جي سمجهاڻي، شاعريءَ جي صنفن قصيده، غزل، مثنوي، رباعي، مستزاد، قطع، ترڪيب بند، ترجيح بند، مسمط، مثلث، مربع، مخمس، مسدس، مناجات، نعت، منقبت، مرثيه، سلام، شهر آشوب، مدح، ريختي، سه حرفي (ٽيهه اکري) ۽ تاريخ گوئي وغيره جي تفصيلي سمجهاڻي ڏني وئي آهي. هن باب ۾ قطعه تاريخ جي فن کي آسان ڪري سمجهايو ويو آهي. باب اٺين ۾ چند اصطلاحن جي وصف کانسواءِ علم عروض جي لفظن ۽ اصطلاحن جي فرهنگ ڏنل آهي.
عبدالقيوم صائب: شاعر، محقق ۽ نقاد، عبدالقيوم صائب، 27 جولاءِ 1927ع تي حيدرآباد، سنڌ ۾ ڄائو. هن شاعريءَ، تحقيق، مذهب ۽ ادب تي ڪيترا ڪتاب لکيا آهن. شاعريءَ جي عروض تي سندس ڪتاب ‘عروض جا اهڃاڻ’ ڇپيو آهي، جنهن ۾ علم عروض ۽ ان جي شاعريءَ ۾ استعمال جي مڪمل تفصيلي ڄاڻ ڏني وئي آهي.
سترام داس ‘سائل’: سترام داس سوڀاسنگهه جڙياسنگهاڻي ‘سائل’ 1922ع ڌاري لاڙڪاڻي ضلعي جي ڳوٺ ‘مهر ننڍا’ ۾ جنم ورتو هو. سندس پيءُ هڪ هاڪارو حڪيم هو، جنهن کي ‘مڏ باهو’ (تعلقي لاڙڪاڻي) ۾ حڪمت جو عاليشان دڪان هو. سترام داس اتي سنڌي اسڪول ۾ پڙهندو به هو ۽ مريضن لاءِ دوائن جا پڙيڪا به ٺاهيندو هو، ائين کيس ننڍي هوندي سوين پسارڪي شين، ڪيترن مرضن جي نالن ۽ طبابت سان واسطيدار ڳالهين جي ڄاڻ حاصل ٿي وئي. سترام داس ‘سائل’ 1937ع کان وٺي مئٽرڪ ڪلاس جي ڪتابن جون گائيڊون لکڻ شروع ڪيون هيون، جيڪو ڪم هو 1990ع تائين ڪندو رهيو. ورهاڱي کانپوءِ هي سينٽ زيوئرس ڪاليج احمدآباد ۾ سنڌي ۽ فارسيءَ جو پروفيسر رهيو. هن 1956ع ۾ هڪ وڏو ‘فارسي- سنڌي وياڪرڻ’ ڇپائي پڌرو ڪيو. سترامداس ‘سائل’ احمدآباد ۾ ‘سنڌي اصطلاح’ ٻن ڀاڱن ۾ ڇپائي پڌرا ڪيا. ان کان سواءِ هن سنڌي پهاڪن جا ٻه ڀاڱا ۽ گرامر جا چار سنڌي ڪتاب پڻ ڇپرائي پڌرا ڪيا. سترامداس جڙياسنگهاڻي ‘سائل’ جو مشهور ڪم سنڌي لغت ‘سائل ڪوش’ لکڻ آهي، جنهن جو پهريون ڇاپو، ليکڪ خود، ڊسمبر 2004ع ۾ ڀارت ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. سنڌ ۾ اها لغت 2009ع ۾ ڪويتا پبليڪيشن حيدرآباد طرفان ڇپجي پڌري ٿي. ان کان سواءِ سندس ڪويتا پبليڪيشن پاران ڇپايل ‘علم عروض’ ڪتابچو پڻ مشهوري ماڻي چڪو آهي. سنڌي ٻوليءَ جو هي ناميارو محقق ۽ عالم انڊيا جي شهر احمدآباد ۾ رهندو هو ۽ سال 2015ع ۾ گذاري ويو آهي.
سنڌي گرامر جا ڇپيل ڪتاب:
هن وقت تائين سنڌي گرامر جي ڇپيل اهم ڪتابن جو سال وار تفصيل شامل ڪجي ٿو:
1. A Grammar of the Seindee Language: Jeorge Prinsep: 1835
2. Grammar of the Sindhi Language W. H. Wathen: 1836
3. Sindhi Dictionary + Grammer (Smith), 1849
4. A Grammar of the Sindhi Language: Cap.George Stack:1849
5. ‘سنڌي صرف و نحو’: ميان محمد حيدرآبادي ۽ منشي پرڀداس انندرام: 1860ع
6. ‘سنڌي گرامر’: منشي اڌارام ٿانورداس: 1871ع
7. سنڌي گرامر (سنڌي زبان جي صرف نحو جا قاعدا): منشي اڌارام ٿانور داس حيدرآبادي: 1871ع
8. A Grammer of the Sindhi Language : ارنيسٽ ٽرمپ: 1872ع
9. A Grammer of the Sindhi Language : مسٽر سيمور: 1884ع
10. هڪ نئون گرامر سنڌي ٻوليءَ جو: جهمٽ مل نارو مل وسناڻي: 1892ع
11. سليس سنڌي وياڪرڻ: ڏيارام وسڻ مل ۽ ڪشنچند گلابچند: 1914ع
12. سنڌي وياڪرڻ: منشي اڌارام ٿانورداس حيدرآبادي: 1912ع
13. سنڌي وياڪرڻ (ڀاڱو پهريون): ڪشنچند گلابسنگهه گدواڻي: 1914ع
14. سنڌي گرامر (ڀاڱو ٻيو): ڪشنچند گلابسنگهه/ ڏيارام وسڻ مل: 1915ع
15. سنڌي ويا ڪرڻ (ڀاڱو ٽيون): ڪشنچند گلابسنگهه گدواڻي، 1926ع
16. سنڌي وڏو وياڪرڻ: مرزا قليچ بيگ: 1921ع
17. وڏو سنڌي وياڪرڻ (ڪرائون سائيز): ڀيرو مل مهرچند آڏواڻي: 1925ع
18. سليس سنڌي وياڪرڻ: نرملداس لکاڻي ۽ رنگواڻي: 1929ع
19. The Grammer of the Sindhi Language: C.W.Haskell: 1942ع
20. نئون سنڌي گرامر (ڀاڱو پهريون)، تاج محمد خان'>آغا تاج محمد خان: 1942ع
21. گرامر ڀاڱو پهريون: محمد طيب ابڙو: 1950ع
22. معلم اردو (سنڌي مٿين درجن ۽ ٽريننگ ڪاليج لاءِ): لاشاري رشيد احمد: 1951ع
23. گرامر (ڀاڱو پهريون: ٽئين ۽ چوٿين درجي لاءِ): محمد اسماعيل عرساڻي/ الهه بخش ٽالپر: 1956ع
24. سنڌي وياڪرڻ (چار ڀاڱا گڏ): مرزا قليچ بيگ: 1961ع
25. نئون سنڌي گرامر (ڀاڱو ٻيو ۽ ٽيون): تاج محمد خان'>آغا تاج محمد خان ۽ قاضي جان محمد خان: 1961ع
26. نئون سنڌي گرامر (ڀاڱو ٻيو، ٽيون): آغا تاج محمد قاضي جان محمد: 1967ع
27. سنڌي گرامر (ڀاڱو پهريون): جي. ايم. شاهواڻي ۽ اي. ايم نظاماڻي
28. سليس سنڌي گرامر: غلام مصطفيٰ مشتاق ۽ ڊاڪٽر محمد آچر مخمور: 1977ع
29. نئون سنڌي گرامر (ٽئين درجي لاءِ): انوار برادرز حيدرآباد: 1980ع
30. ماڊرن سنڌي گرامر (چوٿين، پنجين ۽ ڇهين ڪلاسن لاءِ): ميمڻ
غلام مصطفيٰ مشتاق، 81-1980ع
31. سنڌي ٻوليءَ جو صرف و نحو (ڀاڱو 1): واحد بخش شيخ: 1982ع
32. سنڌي ٻوليءَ جو صرف نحو (ڀاڱو 2): واحد بخش شيخ: 1989ع
33. نئون سنڌي گرامر (ستين ۽ اٺين ڪلاس): مشتاق مسرور باريچو: 1994ع
34. سينگار سنڌي گرامر (علم بديع ۽ عروض سميت): ساحر ٻرڙو: 1995ع
35. عامر سنڌي گرامر ۽ ڪمپوزيشن: عاشق حسين ميمڻ: 2000ع
36. سنڌي گرامر (نور محمد کوسو): 2005ع
37. سنڌي وياڪرڻ (گڏيل ڀاڱا): شمس العلماءِ مرزا قليچ بيگ: 2006ع
38. سوجهرو (سنڌي گرامر جي قاعدن جو مجموعو): مسڪين راشدي: 2007ع
39. سنڌي ٻوليءَ ۾ گرامر نويسيءَ جي ارتقا: شازيه پتافي: 2009ع
40. سنڌي ٻوليءَ جو تشريحي گرامر: ڊاڪٽر غلام علي الانا: 2010ع
41. سنڌي ٻوليءَ جو گرامر، ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ/ مترجم: ڊاڪٽر
سراج ميمڻ'>امجد سراج ميمڻ: 2011ع
42. سنڌي گرامر (علي نواز سومرو/ شاهنواز سومرو)


هن صفحي کي شيئر ڪريو